آزاد منزل

آزاد منزل: ھي ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان ھڪ خوبصورت محل جھڙوبنگلو ھو، جيڪو مير علي نواز ”ناز“ ٺھرايو ھو. شھر ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ديھه ”حسين آباد“ ۾ ھي بنگلو 1828ع جي لڳ ڀڳ تعمير ڪرايو ويو، جنھن جي ڀرسان ھڪ وڏو باغ به ھو. بنگلي جون ديوارون چٽساليءَ ۽ سھڻين ڊزائينن سان آراسته ھيون. مير علي نواز اتي اچي راڳ به ٻڌندو ھو ته شاعرن سان محفلون به ڪندو ھو. ھن پاڻ ئي ان بنگلي تي ”آزاد منزل“ نالو رکيو ھو. ھن وقت بنگلو اجڙي چڪو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو